مولانا عبدالصمد هاليجوي

مولانا عبدالصمد هاليجوي

مولانا عبدالصمد هاليجوي

مولانا عبدالصمد هاليجوي: مشھور عالم مولانا عبدالصمد هاليجوي 1944ع ڌاري هاليجي شريف، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ حافظ محمود اسعد جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد پني عاقل، ٻير شريف ۽ لاهور جي مختلف مدرسن مان پڙهي عالم بڻيو. چئن سالن تائين مدرسي مدينة العلوم پني عاقل ۾ پڙهايائين. ان بعد درگاهه هاليجي شريف جي مدرسي حماديه ۾ پڙهائيندو رهيو، جتي 1984ع ۾ نگران مقرر ٿيو. 1990ع ۾ والد جي وفات بعد ٽيون گادي نشين بڻيو. سماجي توڙي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. جمعيت العلماء اسلام سان وابسته هو. جنهن جو 1983ع ۾ ضلعي سکر لاءِ امير ۽ 1993ع ۾ صوبي سنڌ جو امير ٿيو. سندس تصنيف ڪيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾: الاشاراة الحماديته محضلات القرانية (عربي)، تحفة السالڪين ملفوظات حمادالله هاليجوي (سنڌي، 3 ڀاڱا)، خطبات هاليجوي (سنڌي، 4 ڀاڱا)، مسائل توحيد (سنڌي) ۽ الينابيع الصافيته في حڪم المسائل الثمانية (عربي) ڇپيل آهن. 29 آگسٽ 2023ع تي سکر ۾ وفات ڪئي.


لفظ مولانا عبدالصمد هاليجويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو